اسلام آباد ۾ مونال ريسٽورنٽ سيل ڪرڻ ۽ نيوي گالف ڪورس کي اڄ ئي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي تخت گاهه ۾ مارگلا نيشنل پارڪ ۾ قائم مونال ريسٽورنٽ سيل ڪرڻ ۽ نيوي گالف ڪورس کي اڄ ئي سي ڊي اي جي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله شهر ۾ حددخلين ۽ قبضن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جتي بچاءَ وارو سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري پيش ٿيا.

چيف جسٽس چيو ته مارگلا هلز نيشنل پارڪ تي جيڪڏهن ڪير ملڪيت جي دعويٰ ڪري ٿو ته غلط آهي، نيشنل پارڪ محفوظ ٿيل علائقو آهي، جيڪو وفاقي حڪومت جو آهي، نيوي حددخليون ڪري گالف ڪورس ٺاهيو، آرمڊ فورسز کي به قانون تي عمل ڪرڻو پوندو، هر شهري آرمڊ فورسز جو احترام ڪندو آهي پر حددخلين سان ڪهڙو پيغام ويندو، جڏهن ائين نه ٿيندو ته عام ماڻهو پاڻ قانون تي هلندو، عام ماڻهو ته نيشنل پارڪ ۾ نٿو گهڙي سگهي، اهو اشرافيا جي ڪري آهي، جڏهن حڪومت جا ادارا حددخليون نه ڪندا ته ٻئي ڪنهن کي به همت نه ٿيندي.

هاءِ ڪورٽ نيوي گالف ڪورس کي اڄ ئي سي ڊي اي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي بچاءَ واري سيڪريٽري کي چيو ته يقيني بڻايو ڪجهه اهڙو نه ٿئي، جو پوءِ شرمندگي جو سبب بڻجي، توهان تسليم ڪيو ته گالف ڪورس غير قانوني آهي.

سي ڊي اي چيئرمين چيو ته اسان نيوي سيلنگ ڪلب ڪيرائڻ جو نوٽيس ڏئي ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ تقريبن سڀني سرڪاري ادارن اورانگهيو آهي.

چيف جسٽس چيو ته ٽن فورسز جي سيڪٽرز ۾ به سورا قانون لاڳو ٿيندا آهن، ڪهڙو عمل ٿي رهيو آهي؟ ايئر فورس اڏاوتن لاءِ ڇا سي ڊي اي کان منظوري ورتي؟ ٿي سگهي ٿو ته انهن جا ڪجهه سيڪيورٽي خدشا هجن، بچاءَ وارو سيڪريٽري موجود آهي، خدشا ٻڌو ۽ قانون تي سختي سان عمل ڪرايو، اسلام آباد ۾ فورسز جي ٽن سيڪٽرن ۾ قانون خلاف اڏاوتون نه ٿيڻ گهرجن ها، اسلام آباد مارگلا هلز ملٽري فارمز جي نه وفاقي حڪومت جي ملڪيت آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي اڄ ئي مونال کي سيل ڪرڻ ۽ سي ڊي اي کي نيوي گالف ڪورس پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته بچاءَ وارو سيڪريٽري ناجائز قبضي جي ذميوارن خلاف جاچ ڪرائي، مونال جي ليز ختم ٿي وئي آهي ته ان کي سيل ڪري ڇڏيو.

عدالت مارگلا ۾ نيشنل پارڪ ۾ قائم مونال ريسٽورنٽ سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Read Previous

ملڪ ۾ وري لاڪ ڊائون لڳندو يا نه؟ فواد چوڌري واضح ڪري ڇڏيو

Read Next

آنگ سان سوچي کي وڌيڪ 4 سال قيد جي سزا

Most Popular