آنگ سان سوچي کي وڌيڪ 4 سال قيد جي سزا

ميانمار جي هڪ خاص عدالت نوبل انعام يافته آنگ سان سوچي کي وڌيڪ 4 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

76 ورهين جي سوچي جي غير قانوني طور تي واڪي ٽاڪيز درآمد ڪرڻ ۽ ڪورونا پابندين جي ڀڃڪڙين جي الزامن ۾ ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.

ان کان اڳ به هڪ ڪيس ۾ آنگ سان سوچي کي 4 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

سوچي کي فيبروري 2021 ۾ بغاوت کانپوءِ معزول ڪيو ويو هو ۽ هوءَ وڌيڪ ڪيترن ئي ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي، حڪمران فوج مٿس ڪرپشن جا الزام پڻ هنيا آهن.

Read Previous

اسلام آباد ۾ مونال ريسٽورنٽ سيل ڪرڻ ۽ نيوي گالف ڪورس کي اڄ ئي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم

Read Next

شاهد آفريدي جي والدين کي ٻارن جي ”ڊوپ ٽيسٽ“ ڪرائڻ جي اپيل

Most Popular