ملڪ ۾ وري لاڪ ڊائون لڳندو يا نه؟ فواد چوڌري واضح ڪري ڇڏيو

ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح وڌڻ کانپوءِ لاڪ ڊائون لڳندو يا نه؟ ان حوالي سان وفاقي وزير فواد چوڌري وضاحت ڪري ڇڏي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح وڌي رهي آهي، جنهن کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون پر لاڪ ڊائون نه هڻنداسين، اسان جي معيشت لاڪ ڊائون کي برداشت نٿي ڪري سگهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب اسڪولن کي به بند نه ڪيو ويندو، ملڪ ۾ ويڪسينيشن مهم سٺي طريقي سان جاري آهي، جڏهن ته عوام ماسڪ جو استعمال ڪري.

Read Previous

پاڪستان هاڻ به ٻين ملڪن کان سستو آهي، اسان قوم کي بحرانن کان بچايو: وزيراعظم

Read Next

اسلام آباد ۾ مونال ريسٽورنٽ سيل ڪرڻ ۽ نيوي گالف ڪورس کي اڄ ئي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم

Most Popular