”ڪُوڙ جي رفتار تيز هوندي آهي پر منزل تي رڳو سچ پهچندو آهي“

اسلام خاطر بالي ووڊ ڇڏيندڙ اڳوڻي اداڪارا ثنا خان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي مداحن جي لاءِ سمجهاڻي وارو پيغام جاري ڪيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي ثنا خان پنهنجي مڙس سان گڏ هڪ تصوير به شيئر ڪئي.

ثنا خان پنهنجي پوسٽ کي هڪ سمجهاڻي وارو ڪيپشن ڏيندي لکيو ته ڪُوڙ جي رفتار تمام تيز هوندي آهي پر منزل تي رڳو سچ پهچندو آهي.

هن لکيو ته انهن ماڻهن کان پريشان نه ٿيو، جيڪي اوهان جي ڪردار کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪي ماڻهو اوهان جي پويان ناڪاري ڳالهيون پکيڙين ٿا، انهن جي اها عادت رڳو  اُنهن جي ڪردار کي وائکو ڪري ٿي

ثناءَ خان وڌيڪ چيو ته اوهان کي اهو ئي لڻڻو پوندو، جيڪو توهان پوکيندا آهيو.

واضح رهي ته ثنا خان اداڪاري ڇڏي گذريل سال ڀارتي رياست گجرات سان واسطو رکندڙ مفتي انيس سان شادي ڪئي هئي.

بگ باس سيزن 6 ذريعي شهرت ماڻيندڙ ثنا خان پنهنجي شادي کان اڳ اسلام خاطر شوبز  انڊسٽري ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.

ثنا خان چيو هو ته هاڻي هوءَ پنهنجي سموري حياتي انسانيت جي خدمت ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن موجب گذاريندي.

Read Previous

شاهد آفريدي جي والدين کي ٻارن جي ”ڊوپ ٽيسٽ“ ڪرائڻ جي اپيل

Read Next

سوچ سان ڪنٽرول ٿيندڙ هيڊ فونز

Most Popular