شهر جي مک اسٽاپ ۔جيلاني محله ۔خاصخيلي محله موٽياڻي محله سميت مختلف محلن جو دورو ڪري صفائي ڪرائي مين ھولن جا ڍڪڻ لڳايا ويا

ٿاڻوبولاخان ( رپورٽ : راشد نواز منڱڻھار ) ايڊمنسٽريٽر ٽائون ٿاڻوبولاخان الطاف حسين راھپوٽو جو برسات کانپوء شھر ٿاڻوبولاخان ۾ ٿيندڙ گندگي جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي صفائي وارو عملو ساڻ ڪري شھر ٿاڻي بولاخان جو دورو ڪيو ھن مين اسٽاپ ۔جيلاني محله ۔خاصخيلي محله موٽياڻي محله سميت مختلف محلن جو دورو ڪري صفائي ڪرائي مين ھولن جا ڍڪڻ لڳايا ويا صفائي واري عمل جو تفصيلي جائزو وٺندي عملي کي سختي سان ھدايتون جاري ڪندي چيو ته شھر ۾ صفائي جي نظام کي بھتر کان بھتر بڻايو وڃي صفائي واري عمل ۾ ڪابه ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي ھن ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته صفائي نصف ايمان آھي برسات سبب شھر ۾ گندگي وڌي ويئي ھئي جنھن کانپوء سڄي شھر جو دورو ڪري صفائي ڪرائڻ سان گڏ مين ھولن جا ڍڪڻ لڳايا ويا آھن جيئن شھرين کي ڏکايون پيش نه اچن ھن چيو ته اسان عوام جا خادم آھيون شھرين کي بنيادي سھولتون مھيا ڪرڻ اسان جو اولين فرض آھي جنھن بابت ڪابه لاپرواھي براشت نه ڪئي ويئي شھرين جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪرڻ جون عملي کي ھدايتون جاري ڪري ڇڏيو آھن عملو ھر وقت عوام جي خدمت ۾ مصروف آھي شھر جي صفائي سٿرائي جو وڌ کان وڌ خيال رکيو پيو وڃي

Read Previous

سوچ سان ڪنٽرول ٿيندڙ هيڊ فونز

Read Next

”حڪومت ملڪ دشمني تي لهي آئي آهي، عوام توهان کي ٿورو ٽريلر ڏيکاري ڇڏيو“

Most Popular