”حڪومت ملڪ دشمني تي لهي آئي آهي، عوام توهان کي ٿورو ٽريلر ڏيکاري ڇڏيو“

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هر صديءَ ۾ هڪ بحران ايندو آهي ۽ هن صديءَ جو بحران عمران خان آهي.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت اپوزيشن جي موقف کي آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ استعمال ڪري پئي سگهي پر توهان ضد ۽ انا ۾ اهڙا فيصلا ڪيا، جيڪا ملڪي معاشي خود مختياري جو سودو هئا، پي ٽي آءِ ايم ايف سان توهان نئين بجيٽ پيش ڪئي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ايڏا خراب انگ اکر نه هئا، پاڪستان ٻه ٽڪرا ٿيو پوءِ به گروٿ ڪاٽو نه هئي.

هن چيو ته عمران خان جي تبديلي جي نالي تي تباهي جي صورت ۾ پهريون ڀيرو گروٿ ڪاٽو وئي آهي، نئين پاڪستان جو مطلب مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت آهي، حقيقي لڪائي معاشي ترقي جو ٻڌايو پيو وڃي، مني بجيٽ سان ٽيڪسن جي سونامي آندي پئي وڃي، 350 ارب رپين جا نوان ٽيڪس ۽ ترقياتي بجيٽ ۾ 250 ارب ڪٽوتي سان مهانگائي جو طوفان ايندو.

سندس چوڻ هو ته مني بجيٽ کانپوءِ توهان عوام وٽ نٿا وڃي سگهو، هن ملڪ جو عوام جيڪو حڪومت جو حشر ڪندو، ان جي جلد خبر پئجي ويندي، خيبر پختونخواهه جي عوام توهان کي ٿورو ٽريلر ڏيکاريو آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان جي چونڊ مهم مان لڳندو هو هو وزيراعظم بڻجي سائيڪل تي ايندو پر هيلي ڪاپٽر استعمال ڪندو آهي، وزيراعظم پاڻ ته جهاز جو سفر ڪندو آهي پر عوام کي سائيڪل تي چاڙهي ڇڏيو، جيڪو ڪنهن ٻئي جي مدد سان حڪومت ٺاهي، ان کي عوام جي پرواهه ناهي هوندي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان عوام دشمني ڏٺي، غريب دشمني ڏٺي پر هيءَ حڪومت ته ملڪ دشمني تي لهي آئي آهي، جنهن قسم جو ظلم هن مني بجيٽ ۾ ڪيو پيو وڃي، ان تي ڳالهائڻ لاءِ لفظ ئي ناهن، مان وڌيڪ نه چوندس، توهان کي سڀ سمجهه ۾ ايندو هوندو، عوام ڄاڻي ٿو ته ان جو ذميوار عمران خان آهي.

Read Previous

شهر جي مک اسٽاپ ۔جيلاني محله ۔خاصخيلي محله موٽياڻي محله سميت مختلف محلن جو دورو ڪري صفائي ڪرائي مين ھولن جا ڍڪڻ لڳايا ويا

Read Next

شهباز شريف جي ڌيءُ ۽ ناٺي اشتهاري قرار، گرفتاري وارنٽ جاري

Most Popular