وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ نوجوان ۽ ناري تي تشدد جي ڪيس جي پاڻ پيروي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو
پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني سيڪريٽري مليڪا بخاري ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيس جي پيروي جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته وفاقي حڪومت پيروي جو فيصلو متاثر ڇوڪري طرفان جوابدارن کي نه سڃاڻڻ سبب ڪيو آهي، رد نه ڪرڻ جوڳيون ويڊيوز ۽ فرانزڪ شاهديون رڪارڊ تي موجود آهن.
سندس چوڻ هو ته عورتن کي هراسان ۽ بي لباس ڪندڙ قانون کي منهن ڏيندا.