نيوي سيلنگ ڪلب ڪيرائڻ ۽ نيول فارمز جي ايراضي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو چئلينج

نيوي سيلنگ ڪلب ڪيرائڻ ۽ پاڪستان نيول فارمز جي ايراضي تحويل ۾ وٺڻ جا فيصلا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيا ويا آهن.

پاڪستان نيوي ٻن انٽرا ڪورٽ اپيلن ۾ سنگل بئنچ جي الڳ الڳ فيصلن کي چئلينج ڪيو آهي.

نيول گالف ڪورس کي سي ڊي اي جي تحويل ۾ ڏيڻ جو فيصلو به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.

درخواست ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي 7 ۽ 11 جنوري جي عدالتي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته چيف جسٽس 7 جنوري تي نيوي سيلنگ ڪلب کي ٽن هفتن ۾ ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

گڏوگڏ عدالت پاڪستان نيول فارمز لاءِ جاري ڪيل اين او سي کي به غير قانوني قرار ڏنو هو، عدالت نيول فارمز جي ايراضي کي اٿارٽي جي تحويل ۾ ڏيڻ جو فيصلو به ٻڌايو هو.

پاڪستان نيوي طرفان انٽرا ڪورٽ اپيلن تي اڄ ئي ٻڌڻي لاءِ بئنچ جوڙڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

نيوي سيلنگ ڪلب، نيول فارمز ۽ نيوي گالف ڪورس خلاف فيصلا فوري طور معطل ڪرڻ جي متفرق درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

نيوي عدالتي فيصلن تي فوري طور منع نامو جاري ڪرڻ جي اپيل به ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڪيس جي حتمي فيصلي تائين سنگل بئنچ جا ٻئي فيصلا معطل ڪيا وڃن.

Read Previous

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول 150 رپيا ليٽر ٿيڻ جو امڪان

Read Next

اتر ڪوريا طرفان هائپر سونڪ ميزائل جو هڪ ٻيو تجربو

Most Popular