مڙس ڀلي ڪيترو به پيار ڪندڙ هجي پر ٻار ٻه ئي سٺا هوندا آهن: ايمن خان

3 سال اڳ ڪيريئر جي عروج تي شادي ڪندڙ اداڪارا ايمن خان شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ عورتن کي مشهورو ڏنو آهي ته هو وقت تي شادي ڪري ڇڏين ڇو جو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ شادي ناهي ٿي سگھندي.

ايمن خان تازو ئي هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف سيگمينٽ ۾ حصو وٺندي سوالن جا جواب ڏنا.

پروگرام جي هڪ سيگمينٽ ۾ اداڪارا ٻڌايو ته شادي کان پوءِ هن مڙس جي دٻاءَ يا ٻار جي ڄمڻ سبب نه پر پنهنجي مرضي سان شوبز انڊسٽري ۾ گھٽ ڪم ڪيو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن واضح ڪيو ته شادي ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن به اداڪارا جي اهميت گھٽ ناهي ٿيندي مختلف مسئلن ۽ اسڪينڊلز سبب اهميت ضرور گھٽبي آهي.

اداڪارا چيو ته هن جي خيال ۾ ڀلي مڙس ڪيترو به پيار ڪندڙ ڇو نه هجي پر ٻار ٻه ئي سٺا هوندا آهن.

پروگرام جي هڪ ٻئي سيگمينٽ ۾ اداڪارا فيروز خان ۽ سجل علي کي مشورو ڏنو ته ٻئي اداڪار ماڻهن سان ميل جول وڌيڪ ڪن، ڇو جو ٻئي اداڪار ماڻهن سان گھٽ ملندا آهن، گڏ ئي هن ياسر حسين کي مشورو ڏنو ته هو ماڻهن سان گھٽ ملي.

اداڪارا اُشنا شاهه کي مشورو ڏنو ته اها ڪاوڙ گھٽ ڪري جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا کي هن ميڪ اپ گھٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو.

ايمن خان گھرو وزير شيخ رشيد جي کل ڀوڳ جي تعريف ڪئي جڏهن ته احسن خان کي پيغام ڏنو ته هو ماڻهن جون تڪراري ڳالهيون سامهون نه آڻيندو ڪري.

پروگرام جي هڪ سيگمينٽ ۾ ايمن خان کان ميزبان سوال ڪيو ته ڇا سڀني اداڪارائن کي جلد شادي ڪرڻ گھرجي، ڇو جو ڇوڪرا گھٽجي رهيا آهن؟

جنهن تي اداڪارا کلندي سڀني اداڪارائن کي مشورو ڏنو ته اهي جلد شادي ڪري وٺن، جڏهن به وقت هجي ته کين شادي ڪرڻ گھرجي.

Read Previous

ياسر شاهه تي زيادتي ۾ مدد جا الزام غلط نڪتا، بي ڏوهه قرار

Read Next

واٽس ايپ جو واهپيدارن جو وقت بچائڻ لاءِ وڏو قدم

Most Popular