واٽس ايپ جو واهپيدارن جو وقت بچائڻ لاءِ وڏو قدم

گھڻا واٽس ايپ واهپيدار ڊگھن وائس ميسيجز کان پريشان رهندا آهن پر هاڻ سندن پريشاني جو حل نڪري آيو آهي.

واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب ڪمپني ”گلوبل وائس ميسيج پليئر“ جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن کي شروعاتي طور تي آءِ فون جو بيٽا ورجن استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.

اهو فيچر جلد اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ به متعارف ڪرايو ويندو.

گلوبس وائس ميسيج پليئر ڇا آهي؟

گھڻا واهپيدار ڊگھي وائس ميسيج کان بيزار هوندا آهن ۽ هڪ چيٽ کان ٻي چيٽ طرف به ناهن وڃي سگھندا ڇو جو ٻي چيٽ ۾ وڃڻ جي صورت ۾ وائس ميسيج جو آواز بند ٿي ويندو آهي.

گلوبس وائس ميسيج پليئر تحت اوهان ميسيج ٻڌندي ڄاڻايل چيٽ ڇڏي ٻي چيٽ تي وڃي سگھندا ۽ ان واهپيدار کي سولائي سان جواب ڏئي سگھندا، گڏ ئي آڊيو نوٽ به پس منظر ۾ هلندو رهندو.

ان کي گلوبل نالو به انهيءَ ڪري ڏنو ويو آهي جو اهو اوهان جي اسڪرين جي بلڪل مٿان نظر ايندو، اوهان جڏهن چاهيو ان کي ٻڌندي روڪي سگھو ٿا يا اسڪرين تان هٽائي به سگھو ٿا.

Read Previous

مڙس ڀلي ڪيترو به پيار ڪندڙ هجي پر ٻار ٻه ئي سٺا هوندا آهن: ايمن خان

Read Next

انتهاپسندي جي هڪ ٻئي مثال: ڀارتي ايپ تي ملالا سميت هڪ سئو مسلمان عورتون نيلامي لاءِ پيش

Most Popular