ياسر شاهه تي زيادتي ۾ مدد جا الزام غلط نڪتا، بي ڏوهه قرار

قومي ڪرڪيٽر ياسر شاهه کي مبينا زيادتي ڪيس ۾ بي ڏوهه قرار ڏنو ويو.

پوليس موجب ياسر شاهه جو مبينا زيادتي ڪيس سان ڪو واسطو ناهي، جنهن کانپوءِ اسلام آباد جي ٿاڻي شاليمار ڪرڪيٽر جو نالو ايف آءِ آر مان خارج ڪري ڇڏيو.

متاثر عورت پڻ اعتراف ڪيو ته ياسر شاهه جو نالو غلط بياني سبب ايف آءِ آر ۾ شامل ٿيو.

پوليس طرفان ايف آءِ آر جي ضمني رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب فريادڻ به ياسر شاهه جو نالو ڪڍڻ جو چيو آهي.

واضح رهي ته ياسر شاهه خلاف 14 ورهين جي ڇوڪري کي هراسان ڪرڻ ۽ زيادتي ۾ مدد جي الزام تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

Read Previous

اتر ڪوريا طرفان هائپر سونڪ ميزائل جو هڪ ٻيو تجربو

Read Next

مڙس ڀلي ڪيترو به پيار ڪندڙ هجي پر ٻار ٻه ئي سٺا هوندا آهن: ايمن خان

Most Popular