پڊعيدن : ڳوٺ خير محمد مبيجو جي رهواسين احتجاج ڪندي

پڊعيدن لڳ ڳوٺ خير محمد مبيجو جي رهواسين عبدالله مبيجو ۽ خادم مبيجو جو پنهنجي ئي برادري جي ماڻھن خلاف نيشنل پريس ڪلب پڊعيدن اڳيان احتجاج ان موقعي تي عبدالله مبيجو ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو سهرو الهيار مبيجو ۽ سالا ابراهيم مبيجو نويد مبيجو ملڪيت جي لالچ ۾ منهنجي اولاد کي ورغلائي مون کي مارڻ ٿا چاهين ڪجه ڏينهن کان مون کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن جيستائين آءُ زنده آھيان ايستائين آءُ پنهنجي ملڪيت جو مالڪ پاڻ آھيان منهنجي وفات کان پوء جيڪا به ملڪيت هوندي ان جا وارث منهنجا ڀائر هوندا آءُ آء جي سنڌ ڊي آء جي شھيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشھروفيروز کي اپيل ٿو ڪيان ته مون مسڪين کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ منهنجي سهري سالن ۽ اولاد جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي مون کي ڪجه به ٿيو ته ان جو ذميوار منهنجو اولاد سهرو سالا هوندا

Read Previous

ورزش ڪرڻ سان ٻار ذهين ٿين ٿا

Read Next

سينيئر اداڪار رشيد ناز لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular