ورزش ڪرڻ سان ٻار ذهين ٿين ٿا

ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻارن جي دماغي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ ورزش گھڻي ضروري آهي.

يونيورسٽي آف جنيوا جي سائنسدانن هڪ تحقيق ڪئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ورزش سان ٻارن جي دماغي فعلن ۾ بهتري اچي ٿي ۽ سندن ذهني صلاحيتن ۾ واڌ ٿئي ٿي.

ماهرن موجب ورزش دماغ کي مضبوط بڻائي ٿي، يادداشت بهتر ڪري ٿي ۽ ان سان ٻارن کي رياضي، مختلف ٻولين ۽ ٻيا علم سکڻ ۽ پڙهڻ ۾ مدد ملي ٿي.

يونيورسٽي آف جنيوا جي سائنسدانن ان ڏس ۾ 200 جي ويجهو ٻارن کي ٻن گروهن ۾ ورهايو ۽ انهن جي سروي ڪئي ان تحقيق جو مقصد جسماني سرگرمين ۽ تعليمي صلاحيتن وچ ۾ واسطي کي سمجهڻ هو.

ان تحقيق لاءِ سروي ڪرڻ تي اها ڳالهه سامهون آئي ته راند روند ۽ جسماني ورزش ٻارن جي دماغي صلاحيت کي بهتر بڻائي ٿي ۽ انهن کي تعليمي سرگرمين ۾ به ڪامياب بڻائي ٿي.

ان ڏس ۾ سائنسدانن جنيوا صوبي ۾ 8 کان 12 ورهين جي 193 ٻارن کي شٽل رننگ ٽيسٽ مان گذاريو.

ان ۾ ٻارن کي هڪ لائين کان ٻي لائين وچ  ۾ 20 ميٽر ڊوڙڻو هو ۽ وري پوءِ پوئتي تيزي سان واپس موٽڻو هو، ان ٽيسٽ کي ماهرن ڪارڊيو وسڪيولر جاچ جو طريقو قرار ڏنو.

انهن ٻارن کي اهڙين مختلف سرگرمين جو حصو بڻايو ويو ورزش ڪندڙ ٻارن کي ڏاڪڻين تي چڙهڻ ۽ کين انگ اکرن جي تربيت ڏني وئي، ائين کين حرفن ۽ انگن اکرن کي هڪ ترتيب ۾ ياد رکڻ ۽ ورجائڻ جو چيو ويو.

جيڪي ٻار جسماني ورزش مان گذريا اهي ان ٽيسٽ ۾ بهتر رهيا ۽ بهتر ڪاميابي جو مظاهرو ڪيو ٻيو اهو ته جسماني ورزش ڪندڙ انهن ٻارن ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ رياضي، ۽ فرانسيسي ٻولي سکڻ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري.

ان مان اها ڳالهه واضح ٿي ته جسماني ورزش ٻارن جي دماغي فعلن ۾ بهتر جو سبب بڻجي ٿي ۽ انهن جي دماغي صلاحيتن ۾ واڌ جو سبب به بڻجي ٿي.

ان ڪري ماهرن جو چوڻ آهي ته تعليمي ميدان ۾ ٻارن جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته کين روزانو باقاعدگي سان جسماني ورزش ڪرائي وڃي.

Read Previous

اميتاڀ بچن ڪم نه هجڻ سبب پريشان

Read Next

پڊعيدن : ڳوٺ خير محمد مبيجو جي رهواسين احتجاج ڪندي

Most Popular