سينيئر اداڪار رشيد ناز لاڏاڻو ڪري ويو

شوبز انڊسٽري جو سينيئر اداڪار رشيد ناز لاڏاڻو ڪري ويو.

رشيد ناز جي لاڏاڻي جو اطلاع سندس ننهن ۽ اداڪارا مديحه رضوي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي ڏنو، هنن ٻڌايو ته رشيد ناز هاڻ اسان منجهه ناهي رهيو.

مديحه رضوي لکيو ته ”اسان جو پيارو بابا رشيد ناز اڄ صبح هن دنيا  مان هليو ويو آهي، مرحوم جي روح کي ايصال ثواب پهچائڻ لاءِ سوره فاتحه ضرور پڙهو. گڏ ئي هن پنهنجي مڙس اداڪار حسن نعمان کي به ٽيگ ڪيو.

رشيد ناز 9 سيپٽمبر 1948ع ۾ پشاور ۾ ڄائو، هن ڪيترين ئي فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

Read Previous

پڊعيدن : ڳوٺ خير محمد مبيجو جي رهواسين احتجاج ڪندي

Read Next

پي ايس ايل 7: ”اسان جي هيروز“ جون نامزدگيون هاڻ ڪرڪيٽ شوقين ڏيندا

Most Popular