پي ايس ايل 7: ”اسان جي هيروز“ جون نامزدگيون هاڻ ڪرڪيٽ شوقين ڏيندا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته پي ايس ايل جي ستين ايڊيشن لاءِ اسان جي هيروز جون نامزدگيون ڪرڪيٽ جا شوقين ڏيندا.

ڪرڪيٽ جا شوقين پنهنجي پسنديده شخصيت بابت آن لائين فارم 23 جنوري تائين جمع ڪرائي سگھن ٿا، آن لائين فارم پي ايس ايل جي آفيشل ويب سائيٽ تي دستياب آهن.

گذريل ايڊيشن جيان ستين ايڊيشن ۾ به گڏيل طور تي 34 شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا ويندا، ڪرڪيٽ شوقينن طرفان جمع ڪرايل انهن اميدوارن جي نالن جي حتمي منظوري پي سي بي جو گورننگ بورڊ ڏيندو جن کي پوسٽ ميچ تقريبن ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويندو.

ان مهم تحت ڪرڪيٽ شوقينن کي زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ پنهنجي پسنديده شخصيتن کي چونڊڻ جو موقعو ملندو جن ۾ راند، تعليم، صحت، آرٽ، ثقافت، سماجي ڪم ۽ ٽيڪنالوجي سان واسطو رکندڙ قومي شخصيتون شامل هونديون.

ڪرڪيٽ شوقين چاهين ته هڪ کان وڌيڪ ڪيٽيگريز ۾ به اسان جي هيروز کي نامزد ڪري سگھن ٿا.

واضح رهي ته ان مهم کي پهريون ڀيرو پي ايس ايل 2020ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جتي ان کي ڀرپور موٽ ملي هئي.

Read Previous

سينيئر اداڪار رشيد ناز لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

وزيراعظم جو روسي صدر سان رابطو

Most Popular