وزيراعظم جو روسي صدر سان رابطو

وزيراعظم عمران خان سان روسي صدر ولاد مير پيوٽن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري اسلامو فوبيا بابت بيان ڏيڻ تي سندس ساراهه ڪئي آهي.

وزيراعظم عمران خان طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته روس جي صدر ولاد مير پيوٽن سان ڳالهايو آهي.

عمران خان جو چوڻ هو ته ٽيلي فونڪ رابطي ۾ روسي صدر جي بيان جي آجيان ڪئي ڇو جو اظهار راءِ جي آزادي گستاخي جو بهانو نٿو ٿي سگھي.

هن چيو ته پيوٽن پهريون عالمي اڳواڻ آهي جنهن مسلمانن جي جذبن جو احساس ڪيو.

وزيراعظم چيو ته آئون روسي صدر کي ۽ روسي صدر مون کي پنهنجي ملڪ جي دوري جي دعوت به ڏني.

عمران خان چيو ته اسان ٽيلي فونڪ رابطي ٻه طرفي سهڪار، گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي.

Read Previous

پي ايس ايل 7: ”اسان جي هيروز“ جون نامزدگيون هاڻ ڪرڪيٽ شوقين ڏيندا

Read Next

ڇا اوهان اينڊرائيڊ جي بهترين ڳجهن ڪوڊز کان واقف آهيو؟

Most Popular