ڇا اوهان اينڊرائيڊ جي بهترين ڳجهن ڪوڊز کان واقف آهيو؟

اڄ ڪالهه هر ڪنهن وٽ موبائل فون موجود آهي پر گھٽ ماڻهن کي خبر آهي ته ڪجهه مخصوص بٽڻ دٻائي هو پنهنجي موبائل فون جي لِڪل فنڪشنز تائين پهچ حاصل ڪري سگھن ٿا.

ان حوالي سان آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ ۾ مختلف ڪوڊز هوندا آهن، ڪجهه ته ٻنهي ۾ هڪ ئي جهڙا هوندا آهن جڏهن ته ڪجهه مخصوص ماڊلز لاءِ هوندا آهن.

هتي اوهان اهڙن ئي اينڊرائيڊ فونز جا ڳجها ڪوڊز ڄاڻي سگھو ٿا جيڪي اوها جي فون جي وڌيڪ بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھن ٿا.

ڊوائيس شٽ ڊائون ڪريو

ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيندو آهي ته عام طريقي سان فون کي لاگ آف ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو ۽ انهيءَ ڪري موبائل ڪمپنيون خاص ڪري سام سنگ فونز ۾ هڪ ڳجهو فيچر موجود آهي.

جيڪڏهن فون پاور بٽڻ سان بند ناهي ٿي رهيو ته اهو امڪان هوندو آهي ته ڊوائيس ڪنهن وائرس مان متاثر آهي يا بٽڻ ۾ خرابي آهي.

ان مسئلي جي روڪٿام لاءِ *##7594# ڪوڊ استعمال ڪري سگھجي ٿو ۽ ها فون کي ري اسٽارٽ ڪرڻ مختلف فونز جي سافٽ ويئر مسئلن جو علاج ثابت ٿيندو آهي.

فون ري سيٽ ڪريو

ڪيترائي ڀيرا ماڻهو فون جو پن ڪوڊ وساري ڇڏيندا آهن ۽ فيڪٽري ري سيٽ ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو. فيڪٽري ري سيٽ فون جي سست هجڻ کي ٻيهر ٺيڪ ڪري سگھي ٿو يا ان کي وڪرو ڪرڻ کان اڳ ائين ڪرڻ ضروري هوندو آهي.

ته ان لاءِ #27673855  ڊائل ڪرڻ سان مدد حاصل ڪري سگھجي ٿي.

ڊيٽا ۽ ايس ايم ايس يوزيج چيڪ ڪرڻ

ڊيٽا يا ايس ايم ايس يوزيج چيڪ ڪرڻ لاءِ *3282#  ڪوڊ ڊائل ڪرڻ سان موبائل جي اسڪرين تي تفصيل ڏسي سگھجن ٿا.

آءِ ايم اي نمبر ڏسڻ

اهو ڪوڊ لڳ ڀڳ سڀني کي خبر هوندو پر جيڪي لاعلم آهن اهي *06# ڊائل ڪري ڊوائيس جي آءِ ايم اي نمبر کي ڏسي سگھن ٿا.

فون جا عام تفصيل ڏسڻ

واءِ فاءِ سگنل، بيٽري يوزيج ۽ ٻيا تفصيل ڏسڻ لاءِ ##4636## ڪوڊ سان مدد حاصل ڪري سگھجي ٿي.

جنرل ٽيسٽ موڊ

فون جا مختلف آپشنز ڄاڻڻ لاءِ جنرل ٽيسٽ موڊ جي مدد وٺي سگھجي ٿي  ۽ #0# ان ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.

ڪيمرا جا تفصيل

جيڪڏهن ڪيمرا بابت ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته *#9334971539## ڪوڊ سان مدد حاصل ڪريو.

Read Previous

وزيراعظم جو روسي صدر سان رابطو

Read Next

تربيلا ڊيم متاثرن جو ڪيس، 60 سالن بعد فيصلو جاري

Most Popular