تربيلا ڊيم متاثرن جو ڪيس، 60 سالن بعد فيصلو جاري

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ تربيلا ڊيم متاثرن جي ڪيس جو 60 سالن کانپوءِ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطابنديال چيو ته پاليسي موجب تربيلا ڊيم متاثرن کي متبادل زمين نٿي ملي،206 متاثرن کي ڏيڻ جي لاءِ ڪيتري زمين گهربل آهي؟.

واپڊا جي وڪيل ٻڌايو ته متاثرن کي ڏيڻ جي لاءِ 5000 هزار ايڪڙ زمين گهربل آهي.

جسٽس عمر عطابنديال ريمارڪس ڏنا ته واپڊا رستو ڪڍي ۽ متاثرن جو مسئلو حل ڪري، ڀاشا ڊيم متاثرن سان به واپڊا معاملا طئي ڪيا هئا.

جسٽس عمر عطابنديال چيو ته متاثرن جي معاملن جو هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ جائزو وٺنداسين.

سپريم ڪورٽ متاثرن کي معاوضو  ۽ متبادل زمين جي ادائيگي بابت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو ۽ متاثرن جي ڪليمز خلاف واپڊا جي اپيل واپس وٺڻ تي خارج ڪري ڇڏي.

Read Previous

ڇا اوهان اينڊرائيڊ جي بهترين ڳجهن ڪوڊز کان واقف آهيو؟

Read Next

تعليمي ادارن بابت فيصلو صوبن جي مشاورت سان ڪيو ويندو: اين سي او سي

Most Popular