تعليمي ادارن بابت فيصلو صوبن جي مشاورت سان ڪيو ويندو: اين سي او سي

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي پنجين لهر کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارن بابت فيصلي کي ملتوي ڪندي چيو آهي ته اهو فيصلو ڪيسن جي مثبت شرح کي ڏسي ڪيو ويندو.

ترقي ۽ منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ويڪسينيشن جو عمل تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته اجلاس ۾ پي سي ايل ميچ دوران شوقينن جي انگ سميت ٻين قدمن بابت پي سي بي کان به راءِ طلب ڪئي وئي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪورونا وائرس جي نئين لهر کي نظر ۾ رکندي صوبن اتفاق راءِ سان وائرس کان بچاءَ جا نوان ضابطا (ايس او پيز) مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي 48 ڪلاڪن ۾ لاڳو ڪيا ويندا.

اجلاس ۾ تعليمي ادارن کي کليل رکڻ تي خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي پر اسڪول بند ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو، ان حوالي سان فيصلو ڪرڻ کان اڳ تعليمي ادارن ۾ مثبت ڪيسن جي شرح جو جائزو ورتو ويندو.

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن پنجين لهر ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، جيجر جنرل محمد ظفر اقبال ۽ صوبائي وزيرن سميت اين سي او سي جي اختيارين شرڪت ڪئي.

اين سي او سي ذريعن موجب 10 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ ڪيسن وارن علائقن لاءِ نيون ايس او پيز لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نئين ايس او پيز کي صوبن جي مشاورت کان پوءِ حتمي شڪل ڏني ويندي.

Read Previous

تربيلا ڊيم متاثرن جو ڪيس، 60 سالن بعد فيصلو جاري

Read Next

ملڪ ۾ 5 مهينن بعد ڪورونا ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ

Most Popular