نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب پاڪستان ۾ روزانو رڪارڊ ٿيندڙ ڪورونا ڪيسن جو انگ چئن مهينن کان پوءِ 5 هزار کان ٽپي ويو.
8 آگسٽ 2021ع تي پاڪستان ۾ 5 هزار 661 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 53 هزار 253 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 5 هزار 34 ڪيس سامهون آيا ۽ مثبت ڪيسن جي شرح 9.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.