نمبر سيو ڪرڻ کانسواءِ واٽس ايپ تان پيغام موڪلڻ جو طريقو

واٽس ايپ تي ڳالهائڻ ۽ پيغامن لاءِ ضروري آهي ته پهريان فون ۾ گھربل نمبر سيو ڪيو وڃي. پوءِ واٽس ايپ ان نمبر سان جڙڻ کان پوءِ ئي پيغام يا فون جي اجازت ڏيندو آهي. پر اسان سڀ نمبر سيو ناهيو ڪرڻ چاهيندا. ٻي پاسي سيو ڪرڻ ۽ ان کي واٽس ايپ سان سلهاڙڻ ۾ به وقت لڳندو آهي.

واٽس ايپ ۾ نمبر محفوظ ڪرڻ کان سواءِ ٻن طريقن سان رابطو ڪري سگجي ٿو.

سڀ کان پهريان فون يا ڊيسڪ ٽاپ برائوزر ۾ wa.me شارٽ يو آر ايل ٽائيپ ڪيو. جيتوڻيڪ اهو طريقو ڪمپنيون ۽ آن لائين اسٽور استعمال ڪندا آهن پر ان کي اوهان به پنهنجي مرضي موجب استعمال ڪري سگھو ٿا.

فون برائوزر يا ڪنهن به سٺي برائوزر تي https://wa.me/cccxxxxxxxxxx ٽائيپ ڪيو. ان ۾ ccc جو مطلب ملڪي (ڪنٽري) ڪوڊ لکو+ نشان ٽائيپ ڪيو پر هن طرح لکندا. مثلن پاڪستان جو ڪوڊ 92 آهي ته ان طرح لکو.

https://wa.me/923006xxxxxx ٽائيپ ڪري نمبر پورو لکو پر ڪو ڊيش يا بريڪٽ وغيره استعمال نه ڪيو. اوهان برائوزر ۾ هر هر استعمال ڪرڻ لاءِ ان کي بڪ مارڪ به ڪري سگھو ٿا.

ان کان پوءِ واٽس ايپ اوهان سان چيٽ بٽڻ جاري (ڪنٽينيو) ڪرڻ جو پڇندو. ان کي دٻائيندي ئي واٽس ايپ جي ايپ کلي ويندي ۽ هاڻ اوهانڪال ڪري سگھو ٿا، ٽيڪسٽ ڪري سگھو ٿا يا وري وائس ميسيج به موڪلي سگھو ٿا.

ٻيو ذريعو

واٽس ڊائريڪٽ ۽ ڪلڪ ٽو چيٽ ايپس سبب ان سڄي عمل کي پاڻمرادو بڻائي سگھجي ٿو. بس اوهان کي ڪا هڪ ايپ انسٽال ڪرڻي پوندي. اهي ٻئي ايپس بلڪل مفت دستياب آهي.

انسٽاليشن کان پوءِ ايپ کلي ويندي ۽ درست ڪنٽري ڪوڊ سان گڏ نمبر شامل ڪيو ۽ فوري طور تي ڊوائيس اجازت نامي سان گڏ واٽس ايپ استعمال ڪريو.

پر پاڻ سڄي دنيا جا واهپيدار به واٽس ايپ کي ان کي سادو طريقو يا فيچر شامل ڪرڻ جي درخواست ڪندا رهندا آهن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي واٽس ايپ ان کي ڪڏهن ٿو شامل ڪري.

Read Previous

مريم نواز حڪومت کي ڪجهه ڏينهن جي مهمان قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

دپيڪا پڊوڪون کي ٻڏي مرڻ گھرجي: ڪنگنا رناوت

Most Popular