دپيڪا پڊوڪون کي ٻڏي مرڻ گھرجي: ڪنگنا رناوت

ڪنگنا رناوت بالي ووڊ جي هڪ اهڙي اداڪارا آهي جيڪا ڪيريئر جي شروعات کان ئي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪرڻ کان پاسو ناهي ڪندي.

2014ع ۾ جڏهن هن جي فلم ڪوئين رليز ٿي ته ان کان پوءِ هن جو ڪيريئر چوٽ چڙهي ويو ۽ هڏهن کان وٺي هيل تائين اداڪارا پٺتي جهاتي پائي ناهي ڏٺو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هن ئي سال جڏهن دپيڪا پڊوڪون فلم ”هيپي نيو ايئر“ ۾ پنهنجي اداڪاري لاءِ بيسٽ اداڪارا جو ايوارڊ کٽيو ته اهو ڪنگنا کي بلڪل به نه وٺيو ۽ هڪ انٽرويو ۾ هن دپيڪا تي تنقيد به ڪئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب هڪ پراڻي انٽرويو ۾ ڪنگنا چيو هو ته دپيڪا کي هيپي نيو ايئر لاءِ ايوارڊ مليو، کيس پاڻي ۾ ٻڌي مرڻ گھرجي، اوهان کي ان فلم لاءِ ايوارڊ ڪيئن مليو.

سند چوڻ هو ته اوهان پاڻ سوچو، ٿورو ته عقل هجڻ گھرجي ته هڪ بنديءَ جي فلم ڪوئين آئي آهي ۽ دپيڪا کي هيپي نيو ايئر لاءِ ايوارڊ ملي رهيو آهي.

واضح رهي ته جڏهن دپيڪا هيپي نيو ايئر فلم لاءِ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ کٽيو هو ته هن فلم ڪوئين ۾ ڪنگنا جي تعريف ڪندي چيو هو ته اهو ايوارڊ هن کي ملڻ گھرجي.

Read Previous

نمبر سيو ڪرڻ کانسواءِ واٽس ايپ تان پيغام موڪلڻ جو طريقو

Read Next

پي ايس ايل 7 منهنجو آخري ايڊيشن هوندو: شاهد آفريدي

Most Popular