پي ايس ايل 7 منهنجو آخري ايڊيشن هوندو: شاهد آفريدي

اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان ۽ مشهور آل رائونڊر شاهه خان آفريدي چيو آهي ته سرفراز ڪاوڙ ڪئي ته گرائونڊ کان ٻاهر ري ايڪشن ڏيندس، پي ايس ايل سيون ملتوي ڪئي وڃي يا وري وري واڌ رانديگرن سان گڏ ايوينٽ ڪرائڻ ممڪن بڻايو وڃي. اٽل فيصلو آهي ته پي ايس ايل سيون منهنجو آخري ايڊيشن هوندو.

ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خان آفريدي چيو ته آئون پنهنجي واعدي موجب هلندڙ سال ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو حصو بڻجي ويو آهيان، سرفراز احمد منهنجو فيورٽ ڪپتان آهي، سرفراز فيلڊ ۾ جان لڳائيندو آهي جيڪو مون کي پسند آهي، سرفراز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سان گڏ کيڏڻ جي خوشي آهي، ڪوشش هوندي ته ڪوئيٽا کي جيترو ويڙهائي سگھان ويڙهايان.

هن چيو ته ان کان اڳ سرفراز احمد جي قيادت کي سٺي انداز ۾ سامهون نه آندو ويو، ڪوشش ڪنداسين ته سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ رانديگرن کي موٽ ملي، سينيئر رانديگر طور ٽيم کي وڙهڻ سيکاريندس، ڪوشش هوندي ته گھٽ کان گھٽ غلطي ڪئي وڃي، رانديگرن کي ڪپتان جي گيم پلان تي عمل ڪرڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته ليگ کي ملتوي ڪيو وڃي يا وري واڌو رانديگرن کي رکيو وڃي، اهڙيءَ طرح ايوينٽ ڪرائڻ ممڪن آهي، اسان جو ڪم ڪرڪيٽ کيڏڻ آهي، ڪورونا کان احتياط لازمي آهي، جيڪڏهن سرفراز ڪاوڙ ڪئي ته گرائونڊ جي ٻاهران ري ايڪشن ڏيندس، ڪپتان کي ڪاوڙ اچڻ قدرتي عمل آهي، سرفراز کي هن جي پنهنجي اسٽائل سان کيڏڻ ڏيندس پر ان سان گڏ ڪپتان کي اهو محسوس نه ٿيڻ ڏيندس ته آئون پوڙهو ٿي ويو آهيان.

شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته اهومنهنجو حتمي ۽ آخري فيصلو آهي ته پي ايس ايل سيون منهنجو آخري ايڊيشن هوندو.

Read Previous

دپيڪا پڊوڪون کي ٻڏي مرڻ گھرجي: ڪنگنا رناوت

Read Next

يو اي اِي حملو: يمن ۾ سعودي اتحادي فوج جي جوابي بمباري، 10 کان وڌيڪ ڄڻا مارجي ويا

Most Popular