يو اي اِي حملو: يمن ۾ سعودي اتحادي فوج جي جوابي بمباري، 10 کان وڌيڪ ڄڻا مارجي ويا

يمن جي راڄڌاني صنعا ۾ هوائي بمباري دوران تقريبن 14 ڄڻا مارجي ويا، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته بمباري دوران سعودي جي ماتحت اتحادي فوج ۽ حوثي گروهه وچ ۾ جهڙپون به ٿيون.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ايراني حمايت يافتا حوثي گروپ طرفان گڏيل عرب امارتن جي شهر ابوظهبي ۾ ڪيل حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ کان پوءِ سعودي اتحادي فوج طرفان يمني راڄڌاني صنعا تي حملا ڪيا ويا.

گذريل ڏينهن ڪيل حملي ۾ هڪ پاڪستان سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا.

اتحادين جو اهو به چوڻ آحي ته سومر تي سعودي عرب طرفان 8 ڊرون اُڇليا ويا هئا.

سعودي عرب جي ميڊيا موجب اتحادي فوج جو چوڻ آهي ته هنن صنعا ۾ حوثي گروپ جي ڳڙهه ۽ ڪيمپن تي اڱاري ڏينهن صبح جو بمباري شروع ڪئي هئي.

اها فضائي بمباري 2017ع ۾ صنعا تي ٿيل بمباري کان وڌيڪ خطرناڪ هئي.

شروعاتي اندازي موجب ان بمباري ۾ تقريبن 14 ڄڻا مارجي ويا آهن.

Read Previous

پي ايس ايل 7 منهنجو آخري ايڊيشن هوندو: شاهد آفريدي

Read Next

پڊعيدن وارڊ 2 ۾ فرنيچر جي ڪارخاني ۽ عمارت کي اچانڪ باھ لڳي وئي

Most Popular