پڊعيدن وارڊ 2 ۾ فرنيچر جي ڪارخاني ۽ عمارت کي اچانڪ باھ لڳي وئي

پڊعيدن وارڊ 2 ۾ فرنيچر جي ڪارخاني ۽ عمارت کي اچانڪ باھ لڳي وئي جنھن جي نتيجي ۾ لکين روپين جي ماليت جو فرنيچر سامان ۽ ڪاٺ سڙي رک ٿي ويو,
تفصيل موجب , پڊعيدن ۾ الرحمان ڪلينڪ ڀرسان يحيا آرائين جي دوڪان کي شارٽ سرڪٽ سبب باه لڳي جنهن جي نتيجي ۾ لکين رپين جو ڪاٺ ۽ فرنيچر سميت جڳه پوري سڙي راک ٿي وئي
جڏھن ته ٽائون ڪاميٽي جي لکين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود فائربرگيڊ گاڏي خراب هجڻ جي ڪري شھرين پنهنجي مدد پاڻ باه وسائڻ شروع ڪئي باه تي ضابطو نه اچڻ جي ڪري نوشھروفيروز مان فائربرگيڊ گاڏي گهرائي وئي جنهن سان باه تي ضابطو آندو ويو, فرنيچر جي مالڪ استاد يحيا آرائين ٻڌايو ته آءُ غريب مسڪين آھيان پنهنجي مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو آھيان لکين رپين جي ماليت سان منهنجو نقصان ٿيو آهي آءُ وس وارن کي اپيل ٿو ڪيان ته منهنجي مدد ڪئي وڃي

Read Previous

يو اي اِي حملو: يمن ۾ سعودي اتحادي فوج جي جوابي بمباري، 10 کان وڌيڪ ڄڻا مارجي ويا

Read Next

پي ايس ايل ميچز لاءِ 25 سيڪڙو تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت

Most Popular