پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جو سينئر اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس گهر واري جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي ويو.
تفصيل موجب تحريڪ انصاف جو سينئر اڳواڻ ۽ سندس گهر واري به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن.
ان حوالي سان تصديق ڪندي جهانگير ترين چيو آهي ته اسان ٻنهي زال مڙسن جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي جنهن کان پوءِ اسان پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ورتو آهي.
جهانگير تري دوستن ۽ عوام کي دعائن جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.