ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي جي قومي انسداد پوليو مهم جي حوالي

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر عبدالجبار ) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي جي اڳواڻي ۾ 24 جنوري 2022 کان 28 جنوري 2022 تائين جاري رهندڙ قومي انسداد پوليو مهم جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي قومي انسداد پوليو مهم جي پهرين ڏينهن ڪنڌڪوٽ جي مختلف علائقن جواچانڪ دورو ڪيو ۽ پوليو ٽيمن جو جائزو ورتو ان موقعي ڊپٽي ڪمشنر پوليو ورڪرن کي هدايت ڪئي ته ضلعي ڪشمور جو ڪو به ٻار پوليو کان رهجي نه وڃي ان اسان سڀني کي ملي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو۔پوليو دوران 290959 ٻارن کي انسداد پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن لاء 719 موبائل ٽيمون 46 ٽرازٽ ۽ 55 مقرره ٽيمون گهر گهر وڃي 5 سال تائين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون جڏهن ته 64 يو سي ايم او ۽ 06 تعلقه آفيسر مهم جي نگراني ڪندا۔ تنهن کان بعد ڊپٽي ڪمشنر ڪنڌڪوٽ شهر جي صفائي جو جائزو وٺڻ لاء ڪنڌڪوٽ عيد گاه ،هيبت روڊ ۽ شهر جي ٻين روڊ رستن جي عملدارن کي صفائي جون خاص هدايتون جاري ڪيون۔

Read Previous

سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ تي ڏاڍو خوش آهيان: محمد رضوان

Read Next

ٽنڊوالهيار : ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي تي قاتلاڻي حملي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي

Most Popular