سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ تي ڏاڍو خوش آهيان: محمد رضوان

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان چيو آهي ته آءِ سي سي طرفان ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي رب پاڪ جو شڪر ادا ٿو ڪيان، سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ تي خوشي ٿي.

ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته مان ڀرپور محنت تي يقين رکان ٿو ۽ سدائين همت ۽ صبر کان ڪم ورتو آهي، مان ڪڏهن ناهي سوچيو ته مون سان ڇا ٿي رهيو آهي، اهو سوچيندو آهيان ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي.

هن چيو ته مون کي پي سي بي جو ايوارڊ ملڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي هئي، هاڻ آءِ سي سي طرفان اعزاز مليو آهي، جنهن تي رب پاڪ جو شڪر ادا ٿو ڪيان، سڄي دنيا ۾ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، پي ايس ايل سيون ۾ دلچسپ مقابلا ٿيندا، ڪوشش ڪندس ته ملتان سلطانز لاءِ بهترين ڪارڪردگي پيش ڪيان.

Read Previous

سگريٽ ڇڪڻ سان حيران ڪندڙ اثرن جو انڪشاف

Read Next

ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي جي قومي انسداد پوليو مهم جي حوالي

Most Popular