خيرپورناٿن شاھ : 2 افسوناڪ واقعا نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي هڪ ڄڻي جي نازڪ حالت هجڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو

خيرپورناٿن شاھ (اختر مشوري) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ٻه افسوناڪ واقعا نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي زخمين کي تعلقه اسپتال خيرپورناٿن شاھ آنڌو ويوجتي هڪ ڄڻي جي نازڪ حالت هجڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو تفصيل موجب خيرپورناٿن شاھ ۾ ٻه افسوس ناڪ واقعا پيش آيا انڊس هائي وي تي خانپور جوڻيجي ڀرسان ميهڙ کان دادو طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار جو روڊ ڪراس ڪندڙ موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڀائي خان ملاح جو رھواسي عزيز الله ولد محمد سومر ٻٻر سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي موٽر وي پوليس تعلقه اسپتال خيرپورناٿن شاھ آنڌو جتي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب حيدرآباد اسپتال نيو ويو ٻئي طرف خيرپورناٿن شاھ جي ڀرسان ڳوٺ پوٺھو لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن جو آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي۾ هڪ ڄڻو محمد بخش سولنگي سخت زخمي ٿي يپو مقامي ماڻھن زخمي کي تعلقه اسپتال ڪي اين شاھ آنڌو جتي زخمي جو اعلاج جاري آھي

Read Previous

ٽنڊوالهيار : ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي تي قاتلاڻي حملي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي

Read Next

پاڪستان جو درجو مالي نه پر سياسي ڪرپشن سبب ڪِريو آهي: فواد چوڌري

Most Popular