پاڪستان جو درجو مالي نه پر سياسي ڪرپشن سبب ڪِريو آهي: فواد چوڌري

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ پاڪستان جو درجو مالي ڪرپشن نه پر سياسي ڪرپشن ۽ قانون جي حڪمراني نه هجڻ سبب ڪِريو آهي.

ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته آدمشماري جي لاءِ 5 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي آهي، ڊسمبر ۾ آدمشماري مڪمل ٿي ويندي، جنوري ۾ تڪبنديون ٿينديون، ڪوورنا کان بچاءَ جي لاءِ ويڪسين ضروري آهي، جن ماڻهن ويڪسين ڪرائي هئي، اهي نئين لهر سان متاثر نه ٿيندا، اومي ڪرون باوجود ڪاروبار بند نه ٿيندو.

هن چيو ته ڪرمنل جسٽس ريفارمز سان رول آف لا ۾ بهتري ايندي، هاءِ پروفائل ۽ اهم ڪيسن جون ٻڌڻيون سڌو سئون ڏيکارڻ گهرجن، آصف زرداري جو اومني ڪيس، شهباز شريف جو ڪيس، عثمان مرزا، نور مقدم ڪيس جو ٽرائل سڌو سئون نشر ڪيو وڃي، عوامي دلچسپي جي ڪيسن جا فوري فيصلا اچڻ گهرجن، قانون جي بالادستي ۾ عدليا جو وڏو ڪردار آهي.

وفاقي وزير چيو ته اصل ۾ پاڪستان جو اسڪور قانون جي حڪمراني نه هجڻ ۽ سياسي ڪرپشن سبب هيٺ آيو، فنانشل ڪرپشن ۾ واڌ ناهي ٿي، پاڪستان ۾ رول آف لا تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ پوري طرح شايع ناهي ٿي، ان ۾ فنانشل ڪرپشن جو ذڪر ناهي، ملڪ ۾ امير جي لاءِ ڌار ۽ غريب جي لاءِ ڌار قانون کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته مختلف ادارن ۽ اين جي اوز جي رپورٽن جي بنياد تي رپورٽ تيار ڪئي وئي، سمورن ادارن پاڪستان جي رينڪنگ کي برقرار رکيو، رڳو اڪانومسٽ انٽيليجنس ڪنٽري يونٽ درجي بندي ڪيرائي آهي، چيڪ ڪيو ان جو پاڪستان ۾ ڪير سربراهه آهي ته اوهان کي پتو پئجي ويندو ته ڇو ڪِري آهي.

Read Previous

خيرپورناٿن شاھ : 2 افسوناڪ واقعا نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي هڪ ڄڻي جي نازڪ حالت هجڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو

Read Next

پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي وئي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ

Most Popular