پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي وئي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل موجب پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ وڌيڪ واڌ ٿي وئي.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 180 ملڪن جو ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب پاڪستان ڪرپشن رينگڪنگ ۾ 16 درجا مٿي هلي وئي ۽ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان سڄي دنيا ۾ 140 هين نمبر اچي ويو آهي.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع ۾ پاڪستان جو دنيا ۾ 124 هون نمبر هو ۽ 2020ع ۾ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جو گذريل سال اسڪور 31 هو جڏهن ته 2021ع ۾ پاڪستان جو ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جو اسڪور 28 ٿي ويو، ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جي اسڪور ۾ 3 پوائنٽس جي گھٽتائي ٿي آهي، انڊيڪس جو اسڪور گھٽجي ڪرپشن ۾ واڌ کي ظاهر ڪري ٿو.

ٻئي پاسي پلڊاٽ جي سربراهه جو چوڻ هو ته حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو ته شيون بهتري طرف ڇو نه پيون وڃن؟ ڪرپشن خلاف بيانيو کڻي پي ٽي آءِ حڪومت ۾ آئي هئي، رينڪنگ ۾ اسڪور مٿي وڃڻ جو مقصد ڪرپشن ۾ گھٽتائي آهي، 2010ع کان 2017ع تائين رينڪنگ ۾ واڌ ٿي آهي.

Read Previous

پاڪستان جو درجو مالي نه پر سياسي ڪرپشن سبب ڪِريو آهي: فواد چوڌري

Read Next

مهانگائي سبب پگهاردار طبقي جي ڏکيائين جو احساس آهي: وزير اعظم

Most Popular