مهانگائي سبب پگهاردار طبقي جي ڏکيائين جو احساس آهي: وزير اعظم

عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي سبب پگهاردار طبقي جي مشڪلاتن جو احساس آهي.

اسلام آباد ۾ اي ايڇ آفيسرز ريزيڊينشيا ۽ پي ايڇ اي اپارٽمنٽس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته مون کي احساس آهي ته مهانگائي جي ڪري پگهاردار طبقو مشڪل ۾ آهي پر هاڻي پگهاردار طبقو به آساني سان گهر خريد ڪري سگهندو.

هن چيو ته ڪرائي جي رقم بينڪن ۾ قسط جي صورت ۾ ادا ڪري ڪو به شخص گهر جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو، اوهان وٽ گهر ٺاهڻ جي رقم ناهي ته بينڪ کان قرض وٺي سگهو ٿا.

وزير اعظم چيو ته عام ماڻهوءَ کي قرض جي فراهمي جي لاءِ بينڪ اسٽاف تربيت يافتا نه هو پر هاڻي بينڪ عملو سمورن ماڻهن سان سٺو  رويو رکي ٿو، پاڪستان ۾ عام ماڻهو جي لاءِ گهر خريد ڪرڻ جو ڪو به طريقو لاڳو نه هو پر هاڻي ائين نه ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته فورڪلوزر لا پاس ڪرڻ ۾ اڍائي سالن جو وقت لڳو، پاڪستان ۾ گهرن جي تمام گهڻي کوٽ آهي، ان ڪري اسان هائوسنگ انڊسٽري تي ڌيان ڏنو، ڇو ته هائوسنگ انڊسٽري ملڪي معيشت کي بيهاري ڇڏيندي آهي، ان صنعت سان 30 انڊسٽريون واڳيل آهن.

Read Previous

پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي وئي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ

Read Next

فضل الرحمان ۽ نواز شريف ۾ حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ تحريڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق

Most Popular