فضل الرحمان ۽ نواز شريف ۾ حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ تحريڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.

ذريعن موجب نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ پي ڊي ايم جي تحريڪ تي ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ٻنهي اڳواڻن حڪومت مان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ تحريڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن حڪومت مخالف لانگ مارچ ۽ ان هائوس تبديلي سميت مختلف معاملن تي مشاورت ڪئي، مولانا فضل الرحمان نواز شريف کي پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس جي ايجنڊا تي به اعتماد ۾ ورتو.

جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، هاڻ عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آهي.

ان موقعي تي نواز شريف چيو ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان جيڪو به فيصلو ٿيندو، ن ليگ ڀرپور ساٿ ڏيندي.

Read Previous

مهانگائي سبب پگهاردار طبقي جي ڏکيائين جو احساس آهي: وزير اعظم

Read Next

ايران پهريون ڀيرو آمريڪا سان سڌي ريت ايٽمي ڳالهين تي راضي

Most Popular