اسد قيصر، ثاقب نثار جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو طلبي جي مخالفت ڪري ڇڏي

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي آڏو طلبي جي مخالفت ڪري ڇڏي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪميٽي جي چيئرمين ميان جاويد لطيف کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته معاملي کي ايجنڊا مان ڪڍيو وڃي ته ڪميٽي جو اجلاس گهرائي سگهجي ٿو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر موجب ثاقب نثار جو شريف ڪٽنب خلاف حڪم ڏيڻ وارو معاملو عدالت ۾ آهي، ان ڪري ڪميٽي جو چيئرمين ان معاملي کي بحث هيٺ نه آڻي.

واضح رهي ته اطلاعات بابت وفاقي وزير فواد چوڌري اڳ ئي ثاقب نثار کي ڪيمٽي ۾ گهرائڻ جي مخالفت ڪري چڪو آهي.

Read Previous

اينڊرائيڊ تان آءِ فون ۾ واٽس ايپ چيٽ منتقل ڪرڻ ممڪن

Read Next

پاڪ – آسٽريليا سيريز هڪ ئي وينيو تي ڪرائڻ جو امڪان رد

Most Popular