پاڪ – آسٽريليا سيريز هڪ ئي وينيو تي ڪرائڻ جو امڪان رد

Cricket – Second T20 International – England v Pakistan – Emirates Old Trafford, Manchester, Britain – August 30, 2020 Pakistan’s Babar Azam reacts after losing his wicket Lindsey Parnaby/Pool via REUTERS

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪ – آسٽريليا سيريز هڪ ئي وينيو تي ڪرائڻ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو.

پي سي بي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آسٽريليا خلاف سيريز هڪ ئي وينيو تي ڪرائڻ واري تجويز غور هيٺ ناهي، آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچون ڪراچي، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ ئي ٿينديون.

پي سي بي جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ لاءِ 19 ڏينهن تائين هڪ وينيو تي انتظام ڪرڻ ممڪن ناهي، جنهن لاءِ ٽنهي وينيو تي محفوظ سيڪيورٽي واري ماحول جا انتطام ڪري رهيا آهيون.

پي سي بي چيو آهي ته ميچن ۾ تماشائين جي شرڪت بابت فيصلو اين سي او کي ڪرڻو آهي.

Read Previous

اسد قيصر، ثاقب نثار جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو طلبي جي مخالفت ڪري ڇڏي

Read Next

آئما بيگ جي به ٽڪ ٽاڪ تي اينٽري

Most Popular