ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ دهشتگرديءَ جي ماءُ آهي: منير اڪرم

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته ڀارت دهشتگردي سان متاثر نه پر ڏکڻ ايشيا ۾ دهشتگردي جي ماءُ آهي.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سان خطاب ڪندي منير اڪرم چيو ته ڀارت 1989 کان هيل تائين 96 هزار ڪشميرين کي شهيد ڪيو، تقريب 23000 عورتون بيواهه، 11 هزار کان وڌيڪ عورتن سان زيادتي ۽ هڪ لک گهر ۽ اسڪول تباهه ڪيا ويا.

هن چيو ته 5 آگسٽ 2019 کانپوءِ 9 لک فوجي والاريل ڪشمير ۾ مقرر آهن، معصوم ڪشميرين کي مارڻ لاءِ جعلي مقابلا ڪيا پيا وڃن، ڀارتي فوج پيلٽ گنز جو استعمال ڪري سوين ٻارن کي نابين ڪري ڇڏيو، مسلم اڪثريتي رياست کي هندو اڪثريتي علائقي ۾ تبديل ڪرڻ جو عمل جاري آهي.

سندس موجب پاڪستان گذريل سال هڪ گڏيل ۽ تحقيق ٿيل ڊوزيئر جاري ڪيو، ڊوزيئر ۾ 1989 کان ڀارتي قابض فوج جي جنگي ڏوهن جي 3432 واقعن جي آڊيو ۽ ويڊيو شاهدين جي تصديق ڪئي وئي، سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ٿا ڪيون ته انهن ڏوهن جو نوٽيس وٺي ۽ جنگي ڏوهن ۽ عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙين تي ڀارتي اهلڪارن کي جوابده قرار ڏئي.

Read Previous

ايندڙ ٻن ٽن مهينن تائين مهانگائي گهٽ نه ٿيندي: شوڪت ترين

Read Next

وڏو وزير دل جي تڪليف سبب اسپتال منتقل

Most Popular