وڏو وزير دل جي تڪليف سبب اسپتال منتقل

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي دل جي مرضن بابت قومي اداري (اين آءِ سي وي ڊي) منتقل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب مراد علي شاهه جي اسپتال ۾ سي ٽي اين جي ۽ سيريم ٽيسٽ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ کيس واپس وزيراعليٰ هائوس آندو ويو.

ٻي پاسي وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ هو ته مراد علي شاهه گھر آهي ۽ خيريت سان آهي.

Read Previous

ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ دهشتگرديءَ جي ماءُ آهي: منير اڪرم

Read Next

برڪينا فاسو ۾ فوج پاران بغاوت جو اعلان

Most Popular