برڪينا فاسو ۾ فوج پاران بغاوت جو اعلان

برڪينا فاسو ۾ فوج بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اولهه آفريقي ملڪ برڪينا فاسو ۾ فوج بغاوت جي اعلان کانپوءِ ملڪ جو اقتدار سنڀالڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

فوجي اختيارين سرڪاري ٽي وي تي چيو آهي ته حڪومت معزول ڪئي وئي آهي ۽ پارليامينٽ ٽٽي پئي آهي.

اڃا تائين اهو واضح ناهي ته ملڪ جو سربراهه روڪ مارڪ ڪرسٽيان ڪابوري ڪٿي آهي. راڄڌاني واگادوگو ۾ شهري مبينا فوجي بغاوت جي حق ۾ جشن ملهائڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا.

گڏيل قومن آمريڪا ۽ يورپي يونين فوج جي ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

Read Previous

وڏو وزير دل جي تڪليف سبب اسپتال منتقل

Read Next

سيوهڻ : انڊس هاء وي تي تيز رفتار مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي 1 ٻارڙي سميت 2 ماڻهون فوت

Most Popular