سيوهڻ : انڊس هاء وي تي تيز رفتار مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي 1 ٻارڙي سميت 2 ماڻهون فوت

سيوهڻ: رپورٽ: حيدر علي بلوچ سيوهڻ ڀرسان انڊس هاء وي تي تيز رفتار مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي هڪ معصوم ٻارڙي سميت 2 ماڻهون فوت عورتن ٻارڙن مردن سميت 18 کان وڌيڪ زخمي .فوتين جا لاش ۽ زخمين کي مختلف گاڏين ذريعي سيوهڻ اسپتال آندو ويو سيوهڻ پوليس حادثي جو ڪيس داخل ڪري ورتو خبر موجب
سيوهڻ ڀرسان انڊس هاء وي تي ڳوٺ آراضي وٽ ميھڙ کان حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن ۾ ٿڏي تي هڪ معصوم ٻارڙي فوت جڏهن ته معصوم ٻارڙن عورتن سميت 18 کان وڌيڪ ماڻهون سخت زخمي ٿي پيا آھن زخمين ۽ فوتين جا لاش اسپتال جي ايمبولنس موٽروي پوليس سميت مختلف گاڏين ذريعي سيد عبدالله شاه ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ پهچايو ويو اسپتال هنگامي صورت ايمرجنسي ۾ سمورن ڊاڪٽرن کي گهرائي زخمين کي فورن طبي امداد فراهم ڪئي وئي فوتين جي سڃاڻپ 50 ساالا دادو واسي پيرسن محمد عيسي سولنگي ۽ 4 سالا معصوم ٻارڙي جي صدف ڌي زڪا الله سولنگي سيتا واسي طور ٿي جڏهن ته زخمين ۾ زڪا الله سولنگي سندس گهر واري عقيلا سولنگي سيتا واسي سيتا واسي نياز کوسو سندس گهر واري صائمه کوسو سندس 4 سالا معصوم نياڻي علي احمد لنڊ دادو واسي مسمات افروز مسمات نسيمه مسمات ڪومل سوني مسمات ماروي ۽ ٻيا پڻ شامل آھن ڊاڪٽرن 2 معصوم ٻارڙن .2 عورتن هڪ مرد سميت 5 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي .جڏهن ته سيتا واسي زڪا الله سولنگي کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آھي حادثي جو شڪار مسافر وين صبح جو سيتا جي ڪچي واري ڳوٺ اگهاماڻي مان حيدرآباد لاء نڪتي ته ڳوٺ آراضي وٽ حادثو پيش آيو .ٻئي طرف سيوهڻ پوليس حادثي جو ڪيس داخل ڪري ورتو

Read Previous

برڪينا فاسو ۾ فوج پاران بغاوت جو اعلان

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وگھي 25 ڄڻا فوت، 7500 کان وڌيڪ ڪيس به رپورٽ

Most Popular