ملڪ ۾ ڪورونا وگھي 25 ڄڻا فوت، 7500 کان وڌيڪ ڪيس به رپورٽ

پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 25 ڄڻا فوت ۽ 7539 نوان مريض سامهون آيا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرسن جون 63272 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 7539 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 25 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 11.92 سيڪڙو رهي.

اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 29162 ٿي چڪو آهي جڏهن ته متاثرن جو گڏيل انگ 13 لک 93 هزار 887 تائين پهچي چڪو آحي.

ان کانسواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دورنا 1784 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ وبا مان صحتياب ٿيلن جو گڏيل انگ 12 لک 72 هزار 871 ٿي ويو آهي.

Read Previous

سيوهڻ : انڊس هاء وي تي تيز رفتار مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي 1 ٻارڙي سميت 2 ماڻهون فوت

Read Next

شهزاد اڪبر ۽ عمران خان وچ ۾ ناراضگي جو سبب نواز شريف ۽ پيسا واپس نه آڻڻ آهي: شِيخ رشيد

Most Popular