شهزاد اڪبر ۽ عمران خان وچ ۾ ناراضگي جو سبب نواز شريف ۽ پيسا واپس نه آڻڻ آهي: شِيخ رشيد

وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظ۾ عمران خان ۽ شهزاد اڪبر وچ ۾ ناراضگي جو سبب نواز شريف ۽ پرڏيهه موڪليل پيسا واپس نه آڻڻ آهي.

شيخ رشيد برطانوي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ملڪ جو فائدو ان ۾ آهي ته اسٽبلشمينٽ ۽ عمران خان هڪ صفحي تي هجن، وزيراعظم عمران خان ۽ فوجي قيادت ۾ ڪو به اختلاف نه آهي ۽ فوجي قيادت جو فيصلو آهي ته هو چونڊيل حڪومت سان گڏ بيٺل رهندا، حڪومت ۽ اسٽبلشمينٽ جي سوچ ۾ فرق ٿي سگھي ٿو پر ائين ناهي ته هو هڪ صفحي تي نه هجن.

هن چيو ته حڪومت طرفان نظر ايندو آهي ته عدالتن ۾ ڪيس کڻي ويندي وقت متان درست تياري نه ڪئي وئي، چورن، ڌاڙيلن، ڪرپٽ ۽ بدديانت ماڻهن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ لاءِ عمران خان کي ووٽ مليا، احتساب عمران خان جو سڀ کان وڏو نعرو هو پر اسان کي اها ڪاميابي نه ملي جيڪا ملڻ گھرجي ها.

برطانيا سان قيدين جي ڏي وٺ جي حوالي سان گھرو وزير جو چوڻ هو ته برطانيا ۾ رهندڙ جوابدارن ۽ ڏوهارين کي واپس آڻڻ لاءِ معاهدي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته نواز شريف واپس اچي وڃي، نواز شريف کي اسان پاڻ موڪليو اها اسان جي غلطي آهي.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف سڀني جي اکين ۾ مٽي وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ٻاهر هليو ويو، حڪومت جي ڪوشش آهي ته انهن ماڻهن کي واپس آندو وڃي جيڪي عدالتن ۽ حڪومت کي گھربل آهن، گھڻين ڪوششن باوجود هيل تائين اسحاق ڊار جي واپسي ممڪن نه ٿي سگھي.

اڳوڻي احتساب بابت مشير جي حوالي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته شهزاد اڪبر جي استعيفيٰ ۽ وزيراعظم عمران خان جي هن سان ناراضگي جو سبب نواز شريف کي واپس نه آڻڻ سميت پيسا به واپس نه آڻڻ آهي.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا وگھي 25 ڄڻا فوت، 7500 کان وڌيڪ ڪيس به رپورٽ

Read Next

غريب کي طاقتور جي مقابلي ۾ انصاف ملندو ته خدا جي برڪت ايندي: عمران خان

Most Popular