هٿ ٺوڪئي کي ڀڄائڻ لاءِ جنگ جو اعلان ڪري اسلام آباد وينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نااهل وزيراعظم جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جنگ جو اعلان ڪري 27 فيبروري تي اسلام آباد لاءِ نڪرنداسين.

سرگوڌي ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن حڪومت ۾ تبديلي جي نالي تي تباهي هلي رهي آهي، عوام جي انساني ۽ معاشي حقن تي حملا ٿي رهيا آهن، هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو واعدو ڪيو ويو پر ڇا ٿيو؟ انهن ويتر عوام کي بي گهر ۽ بي روزگار ڪري ڇڏيو، اڄ ملڪ ۾ هر طبقو سراپا احتجاج آهي ۽ وزير چون ٿا ته مهانگائي ناهي، ملڪ ۾ مهانگائي آهي ۽ ان جو ذميوار عمران خان آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان شروع کان ئي هن کي سليڪٽڊ چيو هو، آءِ ايم ايف سان ڊيل عوام ۽ غريب دشمن ڊيل آهي، توهان جي ناڪاميءَ جو بار عوام کڻي رهيو آهي، حڪومت زراعت تباهه ڪري ڇڏي، آبادگار ڀاڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪرپشن تي عوام سان ڪوڙ ڳالهايو ويو پر ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ عمران خان جي ڪرپشن جو راز فاش ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته ظالم حڪومت پروپئگنڊا باوجود گهڻي دير تائين قائم نه رهندي، اسان هٿ ٺوڪئي کي ڀڄائڻ لاءِ عوام سان گڏ نڪرنداسين ۽ کيس ڀڄائينداسين، نااهل وزيراعظم جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جنگ جو اعلان ڪري 27 فيبروري کان اسلام آباد لاءِ نڪرنداسين، تاريخ ۾ لکيو ويندو ته جيالا ڀت بڻجي هٿ ٺوڪئي اڳيان بيٺا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هر ڏکئي وقت ۾ ملڪ کي بحران مان ڪڍيو آهي، پ پ سدائين آمريت جو مقابلو ڪيو، اسان عوام جي خدمت لاءِ سياست ڪندا آهيون، جمهوريت اسان جي سياست ۽ برابري اسان جي معيشت آهي.

Read Previous

مٽياري ضلعي جي شهيد بينظير ڀٽو آر او پلانٽ اسڪيم مان ٺيڪيداري نظام ختم ڪري پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ ضم ڪيو وڃي

Read Next

اڌ کان وڌيڪ پاڪستانين وزيراعظم جي ڳالهه تي يقين کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular