اڌ کان وڌيڪ پاڪستانين وزيراعظم جي ڳالهه تي يقين کان انڪار ڪري ڇڏيو

عمران خان

54 سيڪڙو پاڪستانين هڪ يا ٻه مهينن ۾ مهانگائي گهٽجڻ جي وزيراعظم جي بيان تي يقين کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پلس ڪنسلٽنٽ جي نئين سروي موجب 15 سيڪڙو پاڪستانين وزيراعظم تي مڪمل اعتماد ڪرڻ جو چيو، جڏهن ته حڪومت طرفان معاشي بحران مان نڪرڻ جي دعويٰ تي به هر 10 مان 6، معنيٰ 56 سيڪڙو پاڪستانين کي اعتبار ناهي.

وزيراعظم جي ڪارڪردگي مان غير مطمئن ماڻهن جي شرح ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي آئي ۽ 41 سيڪڙو عوام عمران خان جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو، جڏهن ته 18 سيڪڙو ماڻهو وزيراعظم جي ڪارڪردگي مان مطمئن نظر آيا.

پلس ڪنسلٽنٽ جي نئين سروي ۾ وزيراعظم جي ڪارڪردگي مان سڀ کان وڌيڪ مطمئن ماڻهن جي شرح خيبر پختونخواهه ۾ 29 سيڪڙو نظر آئي، جڏهن ته جولاءِ 2021 ۾ اها شرح 50 سيڪڙو هئي.

Read Previous

هٿ ٺوڪئي کي ڀڄائڻ لاءِ جنگ جو اعلان ڪري اسلام آباد وينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

عمران خان ماڻهن کي اهڙيون خوشيون ڏنيون جو خوشي مان ڳوڙها بيهن ئي نٿا: شهباز گل

Most Popular