ڪالعدم ٽي ٽي پي جو انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر رفيع الله افغانستان ۾ مارجي ويوؒ

ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جو انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر رفيع الله افغانستان ۾ مارجي ويو.

افغانستان ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي مختلف ڌڙن ۾ شديد اختلافن، پئسي ۽ اختيارن جي جنگ ۾ تيزي اچي وئي ۽ هاڻ انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر رفيع الله مارجي ويو آهي.

دهشتگرد رفيع الله اين ڊي ايس، داعش ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي مدد ڪري رهيو هو ۽ ان پنهنجا ڪيترائي ڪوڊ نالا رکيا هئا، جن ۾ وهاب، ڊاڪٽر ۽ احمد عبدالله شامل آهن.

دهشتگرد ڪمانڊر رفيع الله 2011 کان ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هو، آپگهاتي بمبارن جي مدد ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقلي رفيع الله جو ڪم هو.

ڄاڻايل دهشتگرد سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ آپگهاتي بمبارن جو سهولتڪار هو، جڏهن ته هن ڪوئيٽا سرينا هوٽل تي پهچڻ ۾ آپگهاتي بمبارن جي مدد ڪئي.

گڏوگڏ دهشتگرد رفيع الله پوليس، ليويز، ايف سي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ به ملوث هو، هو ميجر نعيم، انسپيڪٽر ڪبير تي حملن جو ماسٽر مائينڊ هو.

مارجي ويل دهشتگرد ڪچلاڪ جي باز محمد، ملڪ حاجي گلاب تي حملن جو ماسٽر مائينڊ هو، ان کانسواءِ ڪچلاڪ بئنڪ ڦر ۽ چمن ۾ ايف سي حملن ۾ ملوث هو.

Read Previous

ٿر ۾ ڪوئلي جو وڏو ذخيرو نڪري آيو، جشن، وڏي وزير جون مبارڪون

Read Next

ڪنوار ٻوٽي وارَن جي مضبوطي ۽ جلد کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ بهترين

Most Popular