ڪنوار ٻوٽي وارَن جي مضبوطي ۽ جلد کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ بهترين

طب جي دنيا ۾ ايلو ويرا (ڪنوار ٻوٽي) کي وڏو مقام حاصل آهي، ڪريم، شيمپو، هربل هوائن، ٽانڪ ۽ شگر جي دوائن ۾ ان جو استعمال ڪيو ويندو آهي.

هونئن ته ڪنوار ٻوٽيءَ جا اڻ کٽ فائدا آهن پر هتي اسان توهان کي ان جي ڪجهه فائدن بابت ٻڌائي رهيا آهيون.

وارَن لاءِ فائديمند

ڪنوار ٻوٽي جو استعمال وارن کي ڪيترائي فائدا پهچائي ٿو، وهنجڻ کانپوءِ ان جي جيل لڳائي پاڻي سان وارن کي ڌوئڻ سان اهي چمڪيلا ۽ صحتمند رهن ٿا، ائين ئي ايلو ويرا ڪرندڙ وارَ روڪڻ ۾ به مددگار آهي، اها مٿي مان خشڪي جو خاتمو ڪري دماغ کي سڪون پهچائڻ جو ڪم ڪري ٿي.

حڪيم مٿي جي وارن لاءِ تجويز ڪندا آهن ته ڪنوار ٻوٽي کي پنهنجي مٿي جي جلد تي رهڙيو ۽ ان جو شيمپو ٺاهي استعمال ڪيو.

چهري لاءِ بهترين

چهري جي خشڪي ختم ڪرڻ، جلد کي نرم ۽ ملائم ڪرڻ جا جتي ڪيترائي ٽوٽڪا آهي، اتي ئي هڪ ٽوٽڪو هي به آهي ته بادام جو تيل، زيتون جو تيل، کير جي ٿري ۽ ڪنوار ٻوٽي جي جيل برابر ملائي رات جو چهري تي لڳايو ۽ صبح جو منهن ڌوئي ڇڏيو، توهان کي چهري ۾ واضح فرق نظر ايندو.

Read Previous

ڪالعدم ٽي ٽي پي جو انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر رفيع الله افغانستان ۾ مارجي ويوؒ

Read Next

سانگهڙ : رڪن ٻرڙا ڳوٺ پير شاهنواز قريشي قريشي ۾ سروري تنظيم تعلقي سنجهورو جو ھڪ احتجاج

Most Popular