ٿر ۾ ڪوئلي جو وڏو ذخيرو نڪري آيو، جشن، وڏي وزير جون مبارڪون

پاڪ – چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ۾ شامل ٿرڪول بلاڪ ون مان ڪوئلي جو وڏو ذخيرو نڪري آيو.

ٿرڪول بلاڪ ون سائيٽ تي پاڪستاني انتظاميا ۽ چيني ماهرن ڪوئلو نڪرڻ تي جشن ملهايو.

سائنو سنڌ ريسورسز ڪمپني جي ڊپٽي سي اي او موجب ڪوئلو 145 ميٽر کوٽائي پوري ڪرڻ کانپوءِ نڪتو، ڪوئلي جي سالياني پيداوار پهرئين مرحلي ۾ 9 ارب ٽن هوندي.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرڪول فيلڊ بلاڪ ون مان ڪوئلو نڪرڻ تي عوام کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته بينظير ڀٽو جي ويزن موجب سنڌ حڪومت جي اها ٻي وڏي ڪاميابي آهي.

هن ٻڌايو ته ٿرڪول فيلڊ بلاڪ 1 ۾ ڪوئلي جا ذخيرا 3 ارب ٽن آهن ۽ 5 ارب بيرل ڪچي تيل جي برابر آهن.

سندس چوڻ هو اسان سدائين چوندا آهيون ته ٿر پاڪستان تبديل ڪندو، اڄ اهو نعرو حقيقت بڻجي رهيو آهي، چيني ڪمپني کي به ان ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏيان ٿو.

Read Previous

لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل، حڪومت کي راوي اربن منصوبي تي ڪم جاري رکڻ جي اجازت

Read Next

ڪالعدم ٽي ٽي پي جو انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر رفيع الله افغانستان ۾ مارجي ويوؒ

Most Popular