سانگهڙ : رڪن ٻرڙا ڳوٺ پير شاهنواز قريشي قريشي ۾ سروري تنظيم تعلقي سنجهورو جو ھڪ احتجاج

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) رڪن ٻرڙا ڳوٺ پير شاهنواز قريشي قريشي ۾ سروري تنظيم تعلقي سنجهورو جو ھڪ احتجاجي اجلاس ضلعي صدر محمد يوسف ھنڱورجو جي صدرات ۾ ٿيو اجلاس ۾ تعلقي صدر پير اشفاق احمد قريشي, سيد صديق شاھ, علي اصغر لانڊر , مڪين وارث خاصخيلي, صادق خاصخيلي , گلٺار بيگ , صيفل لغاري, نبي بخش لغاري رميز بيگ , علي محمد ٻٻر , شاھنواز لغاري, گل محمد جکرو, سميت ٻين عهدايدارن شرڪت ڪئي اجلاس۾ سروري تنظيم جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان جي خلاف بچل مغل جي ڪيل بيبناد الزمن جي مزمت ڪئي اجلاس کي صدارتي خطاب ڪندي ضلعي صدر يوسف ھنڱورجو چيوته مخدوم خاندان وٽان سدائين مريدن سميت ھر ماڻھون کي محبت ۽ پيار مليو آھي مخدوم سعيد الزمان خلاف ڪابه سازش يا پروپيگنڊه اسان ڪڏھن به برداش نه ڪنداسين بچل مغل کي ھوش کان ڪم وٺڻ گهرجي سندس ڪردار کان ھالا سميت سڄي سنڌ جو ماڻھون چڱي طرح واقف آھي ھن چيو ته سروري تنظيم اڄ به سروري جماعت سميت ھر ماڻھو کي عزت ڏيڻ اسان جو ڪم آھي پر افسوس سان مخدوم سعيد الزمان سميت مخدوم خاندان پاران بچل مغل کي ڏنل عزت کيس ھضم نه پئي ٿئي آخر ۾ مخدوم خاندان سميت سروري جماعت جي لاء دعا خير گهري وئي

Read Previous

ڪنوار ٻوٽي وارَن جي مضبوطي ۽ جلد کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ بهترين

Read Next

جيڪب آباد : مان امن جو پکي اڏامي ويو

Most Popular