جيڪب آباد : مان امن جو پکي اڏامي ويو

جيڪب آباد مان امن جو پکي اڏامي ويو صدر ٿاڻي جي حد بولان پمپ روڊ ڊگري ڪاليج ڀرسان ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن قريشي پيٽرول پمپ جي منشي عبدالغفور سومرو ۽ اسرار احمد ڏنگر کان ساڍا اٺ لک روپيا ڦري فرار ٿي ويا، پمپ جي مالڪن، مزدورن، چيمبرس آف ڪامرس جو صدر احمد علي بروهي، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ نديم قريشي، جي يو آئي اڳواڻ محبﷲ بنگلاڻي ۽ ٻين سوين ماڻهن جو پوليس خلاف احتجاج، قومي شاھراھ تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون،پوليس خلاف سخت نعريبازي، ايس ايڇ او صدر ڌرڻي تي پهتو واقعي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد مظاھرين احتجاج ختم ڪيو،خبر موجب : جيڪب آباد ۾ صدر ٿاڻي جي حد بولان پمپ لڳ ڊگري ڪاليج ڀرسان ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن قريشي پيٽرول پمپ جي منشي عبدالغفور سومرو ۽ اسرار احمد ڏنگر جيڪي بئنڪ وڃي رهيا هئا کين پيڇو ڪندي رستي ۾ ئي ساڍا اٺ لک روپيا ڦري فرار ٿي ويا ان بعد پمپ جي مالڪن مزدورن احتجاج ڪندي قومي شاهراهه روڊ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو ڌرڻي ۾ چيمبرس آف ڪامرس جو صدر احمد علي بروهي، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ نديم قريشي، جي يو آئي اڳواڻ محبﷲ بنگلاڻي ۽ ٻين سوين ماڻهن پهچي شرڪت ڪئي مظاهرين پوليس ۽ انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي ۽ ٽائرن کي باهيون ڏنيون. ان موقعي تي چيمبرس جي صدر مير احمد علي بروهي، نديم قريشي، حاجي سردار کوسو، وقار قريشي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هر آئي ڏينهن ڦرون، چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن بدامني عروج تي پهچي وئي آهي جيڪب آباد مان امن جو پکي اڏامي ويو آهي ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ نه آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پوليس رهزني جي وارداتن کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي انهن ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ڊي آئي جي لاڻڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته ناڪا بندي ڪري فورن رهزنن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل نقدي واپس ڪرائي وڃي ڌرڻي وٽ ايس ايڇ او صدر پهچي جوابدارن جي گرفتاري بعد احتجاج ختم ڪرايو ان بعد مظاهرين احتجاج ختم ڪيو.

Read Previous

سانگهڙ : رڪن ٻرڙا ڳوٺ پير شاهنواز قريشي قريشي ۾ سروري تنظيم تعلقي سنجهورو جو ھڪ احتجاج

Read Next

سنڌ عوامي فورم پاران بائوديرو ۾ پيغام لطيف جلسو مرڪزي قيادت جو جلسي گاھ پھچڻ تي زبردست استقبال وڏي تعداد ۾ شھرين جي شرڪت

Most Popular