سنڌ عوامي فورم پاران بائوديرو ۾ پيغام لطيف جلسو مرڪزي قيادت جو جلسي گاھ پھچڻ تي زبردست استقبال وڏي تعداد ۾ شھرين جي شرڪت

مٽياري رپورٽر سنڌ عوامي فورم پاران بائوديرو ۾ پيغام لطيف جلسو مرڪزي قيادت جو جلسي گاھ پھچڻ تي زبردست استقبال وڏي تعداد ۾ شھرين جي شرڪت .. خبر موجب. گذريل ڏينهن مٽياري لڳ بائو ديرو ۾ سنڌ عوامي فورم جي مرڪزي اڳواڻ معشوق ابڙو جي ميزباني ۾ سنڌ عوامي فورم پاران پيغام لطيف جلسو منعقد ڪيو ويو جلسي ۾ سنڌ عوامي فورم جي مرڪزي قيادت چيئرمين جان محمد جوڻيجو . وائيس چيئرمين ڊاڪٽر انور حاجاڻو . معشوق ابڙو . ڊاڪٽر حسن لغاري . ايڊووڪيٽ عبدالرزاق ميراڻي . ڪامريڊ محمد سپيو . سول سوسائٽي اڳواڻ سردار اياز ميمڻ قومي دانشور حبيب جتوئي ۽ ٻيا شريڪ ھئا جلسي وڏي تعداد سنڌ عوامي فورم جا ڪارڪن شريڪ ھئا جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ ھو تہ سنڌ جي سمورن مسئلن سنڌي قوم جي ڏکن . تڪليفن . محرومين جو حل لطيف جي پيغام ۾ ئي آهي سنڌ عوامي فورم سال 2022 کي پيغام لطيف جو سال ڪري ملھائي رھي آھي ان لاء اسان سڄي سنڌ م پيغام لطيف جا جلسا ڪري لطيف جي پيغام کي شھر شھر ڳوٺ ڳوٺ پھچائينداسين اڳواڻن جو چوڻ ھو تہ اڄ اسان بائوديرو ۾ ھزارين ماڻھن سان گڏجي اھو وچن ورجايون ٿا تہ لطيف جي پيغام مطابق سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪنداسين اسان ويڙھيچن سان ڪيل ان واعدي کي نڀائڻ لاء سنڌ عوامي فورم سڄو سال لطيف جي پيغام کي سنڌ جي ماروئڙن جهانگيئڙن جي پيغام کي سنڌ سان محبت جي پيغام کي عام ڪرڻ لاء ميدان ۾ ھونداسين لطيف جو جيڪو فڪر آھي اھو پنھنجي وطن پنھنجي مٽي سان محبت جو فڪر آھي سنڌ جي ماڻھن جي سمورن مسئلن تڪليفن جو حل لطيف جي فڪر ۽ رھبري ۾ آھي سنڌ عوامي فورم سنڌ ۾ انصاف . امن ۽ ڀائيچاري ۽ برابري جو راڄ چاھي ٿو جلسي کي پيغام لطيف ڊيموڪريٽڪ لائيرز فورم جي ڪنوينر ستار سرڪي . پي ٽي آئي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسلم لغاري . سنڌ سڪار سوسائٽي سربراھ سردار اياز ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو جلسي ۾ قومي راڳي وقار ملاح قومي گيت پيش ڪري ماحول کي منڊي ڇڏيو.

Read Previous

جيڪب آباد : مان امن جو پکي اڏامي ويو

Read Next

نواز شريف علاج بنا پاڪستان ويو ته سندس حالت بگڙي سگهي ٿي: ميڊيڪل رپورٽ

Most Popular