نواز شريف علاج بنا پاڪستان ويو ته سندس حالت بگڙي سگهي ٿي: ميڊيڪل رپورٽ

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن موجب نواز شريف علاج بنا پاڪستان ويو ته سندس حالت بگڙي سگهي ٿي.

نواز شريف جي 3 صفحن تي ٻڌل طبي رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن موجب ڊاڪٽرن نواز شريف کي سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

رپورٽ ۾  ٻڌايو ويو آهي ته ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي کانپوءِ نواز شريف گهڻي دٻاءَ ۾ آهي، نواز شريف علاج لاءِ پاڪستان ويو ته سندس حالت بگڙي سگهي ٿي، ذهني دٻاءَ جي ماحول ۾ نواز شريف جي بيماري وڌيڪ بگڙي سگهي ٿي.

رپورٽ موجب نواز شريف انجيو گرافي ڪرائڻ بنا لنڊن مان نه وڃي، نواز شريف ذهني دٻاءَ بنا پنهنجون سرگرميون جاري رکي، دوائون کائي، کليل فضا ۾ گهمي ڦري ۽ ان دوران ڪورونا کان بچاءَ جا قدم به کڻي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نواز شريف دل جو مريض آهي ۽ ڪورونا سبب ان جي زندگي کي خطرو آهي، ڪورونا سبب نواز شريف کي ساهه جو مسئلو به ٿي سگهي ٿو، ڪورونا ۾ ايئرپورٽن ۽ عوامي هنڌن تي خدشا وڌيڪ آهن.

Read Previous

سنڌ عوامي فورم پاران بائوديرو ۾ پيغام لطيف جلسو مرڪزي قيادت جو جلسي گاھ پھچڻ تي زبردست استقبال وڏي تعداد ۾ شھرين جي شرڪت

Read Next

سنڌ ۾ مڪاني اختيارن جي منتقلي: عدالت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular